واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر جو بائيڊن ملڪ ۾ مهانگائي گهٽائڻ لاءِ چيني شين تي لاڳو ٽيرف ختم ڪرڻ جو اشارو  ڏنو آهي. هڪ بيان ۾ جو بائيڊن چيو آهي ته آئون جلد ان معاملي تي چيني صدر سان ڳالهه ٻولهه ڪندس. رپورٽ موجب آمريڪي صدر چيني شين تي لاڳو 25 سيڪڙو واڌو ٽيڪس ختم ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي، ياد رهي ته آمريڪا 40 سالن دوران سڀ کان وڌيڪ مهانگائي کي منهن ڏئي رهيو آهي.