واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جي عدالت پوليس اهلڪارن هٿان قتل ڪيل ڪاري نسل جي شهري جارج فلائڊ جي قتل ڪيس ۾ پوليس آفيسر شاون کي قتل جو ذميوار قرار ڏيندي مٿس فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي عدالت جي 12 ججن تي ٻڌل جيوري گذريل سال مني پولس ۾ پوليس هٿان قتل ڪيل ڪاري نسل جي شهري جارج فلائڊ جي ڪيس جو فيصلو ٻڌايو جنهن ۾ مني پولس پوليس جي اڳوڻي آفيسر 45 سالن جي گوري اهلڪار ڊيرڪ شاون مٿان فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽس موجب ڊيرڪ تي قتل جي الزامن ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سيڪنڊ ۽ ٿرڊ ڊگري قتل ۽ قتل عام جا الزام شامل آهن. شاون نڙي تي لت ڏئي جارج فلائڊ کي ماري ڇڏيو هو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ اڳوڻي پوليس آفيسر جي ضمانت کي فوري طور رد ڪيو جنهن بعد عدالت جي ڪمري مان هن کي گرفتار ڪيو ويو. جارج فلائڊ جي وارثن فيصلي تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ جي ڪاري نسل جي ماڻهن ان تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ جشن به ملهايو. جوابدار کي سزا 8 هفتن اندر ٻڌائي ويندي. جڏهن ته شاون جي ٽن ساٿين خلاف ڪيس آگسٽ ۾ گڏيل طور هلائڻ جا امڪان آهن. ٽو ٿائو، ٿامس لين ۽ ج اليگزينڊر ڪيونگ تي جوابدار جي مدد جو الزام آهي جيڪي سيڪنڊ ڊگري قتل ۽ سيڪنڊ ڊگري قتعل عام جا الزام آهن. جڏهن ته هاڻ آمريڪي ڪانگريس تي دٻاءُ وڌي ويو آهي ته اها پوليس ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ قانونسازي ڪري. ٻئي طرف فيصلي تي تبصرو ڪندي صدر جو بائيڊن چيو ته اسان هن فيصلي تي بيهي نه رهنداسين، هي فيصلو اٺ جي وات ۾ زيري برابر آهي، ڪاري نسل جي ماڻهن کي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. ٻئي طرف نائب صدر ڪاملا هيرس چيو ته اسان سڀ جارج فلائڊ جي ليگيسي جو حصو آهيون ۽ اسان تي فرض آهي ته جارج کي عزت ڏياريون.