واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا جي ريپبلڪن پارٽي جي اڳواڻ ڪيون مڪ ڪارٿي 15 ڀيرا ووٽنگ بعد آمريڪا جي نمائندن جي ايوان جو اسپيڪر چونڊجي ويو. مڪ ڪارٿي کي 216 ووٽ مليا جڏهن ته ڊيموڪريٽ اميدوار حڪيم جيفريز کي 212 ووٽ مليا. مڪ ڪارٿي کان 12 ميمبر ناراض هئا جنهن ڪري سندس چونڊ نه پئي ٿي پر آخر ۾ هن انهن ناراض ميمبرن کي پرچائي ورتو ۽ هو اسپيڪر چونڊجي ويو. کٽڻ بعد مڪ ڪارٿي چيو ته اسان جو نظام چيڪ ۽ بيلنس سان ٺهيل آهي وقت اچي ويو آهي ته اسان نظام تي نظر رکون ۽ صدر جي پاليسين ۾ توازن قائم ڪنداسين. آمريڪا جي تاريخ ۾ 100 سالن ۾ پهريون ڀيرو ڪو اسپيڪر پهرين ووٽنگ ۾ چونڊجي نه سگهيو. کيس نينسي پلوسي جي جاءِ تي اسپيڪر چونڊيو ويو آهي.