واشنگٽن(م ڊ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سرڪاري دوري تي آمريڪا جي راڄڌاني واشنگٽن پهچي ويو آهي. هن انٽرويو ۾ چيو ته آمريڪا کي پنهنجا اڏا ڏيڻ جو ڪو به ارادو نه آهي. آمريڪي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جي پاليسي واضح آهي ته اسان پنهنجا اڏا آمريڪا کي نه ڏنا هئا، نه ڏنا آهن ۽ نه ئي اڏا ڏيڻ جو ڪو ارادو آهي.