ڪراچي (م ڊ) آمريڪا پاران جرمن چانسلر انجيلا مرڪل ۽ صدر فرينڪ والٽر ۽ ٻين يورپي اڳواڻن جي جاسوسي ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جنهن بعد لاڳاپا خراب ٿيڻ جو خطرو ظاهر ڪيو پيو وڃي. مليل اطلاعن موجب آمريڪا ڊنمارڪ جي ڳجهي اداري اين ايس اي وسيلي جرمني جي چانسلر انجيلا مرڪل ۽ صدر فرينڪ والٽر ۽ يورپ جي ٻين اڳواڻن جي جاسوسي ڪئي. انهن جي باري ۾ معلومات حاصل ڪئي وئي. رپورٽ موجب ڊنمارڪ جي ڳجهي ايجنسي 2012ع کان 2014ع تائين انجيلا مرڪل سميت يورپي سياستدانن جي جاسوسي لاءِ آمريڪا جي مدد ڪئي.