نيواورلينز(م ڊ) آمريڪا جي آربوني گيبريل ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت ناري (مس يونيورس) جو اعزاز ماڻي ورتو. آمريڪا جي شهر نيو اورلينز ۾ 71 هين مس يونيورس مقابلي ۾ سڄي دنيا مان 84 حسينائن شرڪت ڪئي ۽ مس آمريڪا جو اعزاز حاصل ڪندڙ آربوني گيبريل هاڻي مس يونيورس جو تاج پڻ پنهنجي سر تي سجائي ورتو آهي. هن سال پهريون دفعو شادي شده ۽ ماءُ بڻجندڙ عورتن کي به مس يونيورس مقابلي ۾ شرڪت جي اجازت ڏني وئي هئي. 28 ورهين جي آرگوني گيبريل پهرين فلپائني ڄائي آمريڪي عورت آهي جنهن مس يونيورس جي مقابلي ۾ ڪاميابي ماڻي آهي.