آمريڪا جو 110 ملڪن کي جمهوريت تي سمٽ جي دعوت، ٻه اهم ملڪ نظر انداز

0
695
آمريڪا جو روس

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر جوبائيڊن 110 ملڪن کي جمهوريت بابت ورچوئل سمٽ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي پر هن فهرست ۾ ٻن اهم ملڪن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڊسمبر ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ملڪن جي لسٽ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ويب سائيٽ تي جاري ڪئي وئي آهي، 110 ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان، ڀارت ۽ عراق شامل آهن پر ان فهرست ۾ چين ۽ ترڪي جو نالو شامل ناهي

رپورٽ موجب ورچوئل ڪانفرنس ۾ تائيوان، مصر، سعودي عرب، اردن، قطر ۽ گڏيل عرب امارات کي دعوت نه ڏني وئي آهي

پرڏيهي ميڊيا موجب هلندڙ سال 9 ۽ 10 ڊسمبر تي ٿيندڙ ورچوئل ڪانفرنس ۾ وچ اوڀر مان رڳو عراق ۽ اسرائيل کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي