واشنگٽن (م ڊ) چين سان مقابلي لاءِ آمريڪا ڀارت کي دفاعي اتحادي بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب چين بابت آمريڪا جي دفاعي حڪمت عملي جاري ڪئي وئي آهي جنهن موجب آمريڪا چين سان مقابلي لاءِ ڀارت کي دفاعي اتحادي بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، آمريڪي نيشنل اسٽريٽجڪ رپورٽ ۾ پاڪستان جو نالو شامل نه آهي. پينٽاگون جي نيشنل ڊيفنس اسٽريٽجي موجب چين آمريڪا جو اسٽريٽجڪ مخالف آهي، آمريڪا ۽ ڀارت گڏجي چين جو مقابلو ڪندا، پاليسي تحت چين طرفان جارحيت جي صورت ۾ آمريڪا ڀارت جي مدد ڪندو. آمريڪي حڪمت عملي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته چين واحد ملڪ آهي جيڪو عالمي آرڊر کي بدلائي سگهي ٿو ۽ ارادو به رکي ٿو، چين ۽ روس لاڳاپا وڌي رهيا آهن، چين سان مقابلي لاءِ آمريڪي دفاع کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو، افغانستان مان آمريڪي فوج جي نيڪالي کانپوءِ وچ اوڀر ۾ پڻ فوجي موجودگي کي ٺيڪ ڪيو ويندو. انکانسواءِ گلف سهڪاري ڪائونسل، يو اي ايِ ۽ سعودي عرب سان هوائي ۽ ميزائيل ڊيفنس سهڪار جاري رهندو.