آمريڪا جو پاڪستان جي فيٽف نقطن کي مڪمل ڪرڻ وارين ڪوششن جي ساراهه

0
311

واشنگٽن: آمريڪا پاڪستان جي ايف اي ٽي ايف ج نقطن کي پورو ڪرڻ جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي آهي، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس بريفنگ ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) جا نقطا مڪمل ڪرڻ وارين ڪوششن کي ساراهيون ٿا، ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان 27 مان 26 نقطن تي عملدرآمد ڪرايو آهي، اسان پاڪستان جي همٿائڻ ڪيون ٿا ته عالمي دنيا سان گڏجي جلد بقايا نقطن تي به مڪمل عمل ڪري، نيڊ پرائس وڌيڪ چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي فنانسگ کي روڪڻ جي لاءِ قدم کڻي ۽ ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلان تي تيزي سان عمدرآمد ڪري، ترجمان جو چوڻ آهي ته ايران، پاڪستان سميت افغانستان جي سمورن پاڙيسري ملڪن کي امن جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو آهي.