راولپنڊي (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي تهآمريڪي صدر جي بيان جي مذمت ڪندي هن چيو ته آمريڪا جو اصل نشانو اسان جو ايٽمي پروگرام آهي. اسان جي معاشي، سياسي، اقتصادي تباهي ان جي شروعات آهي، هن چيو ته ڪرپٽ سياستدانن کي ملڪ مٿان مڙهڻ پهريون قدم آهي. ملڪ ۾ افراتفري ۽ گهرو ويڙهه ڪرائڻ ٻيو قدم آهي. جمهوريت رهي يا نه رهي هنن جا ايجنٽ مڙهيل هجڻ گهرجن. شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته قوم کي هاڻ فيصلو ڪرڻو پوندو ته غيرت سان رهڻو آهي يا غلام بنجي رهڻو آهي؟ جوبائيڊن جي بيان پاڪستان ۾ تبديلي جو سبب ٻڌائي ڇڏيو آهي. جنهن جا پئسا ۽ ملڪيت انهن جي ملڪن ۾ آهن انهن کي ايٽمي ٽيڪالاجي جي پرواهه ناهي.