ڪابل (م ڊ) آمريڪي جنگي جهازن افغانستان ۾ طالبان جي ٿاڪن تي هوائي حملا ڪيا. افغان ميڊيا موجب آمريڪي جنگ جهازن افغانستان ۾ مختلف هنڌن تي طالبان جي ٿاڪن تي هوائي ڪارروائي ڪئي،آمريڪي بچاءَ واري اداري پينٽاگون جي ترجمان چيو آهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ افغان سڪيورٽي فورسز جي مدد لاءِ طالبان جي ٿاڪن تي هوائي حملا ڪيا ويا، ان حوالي سان ويڪ ڄاڻ فراهم نٿي ڪري سگهجي پر آمريڪا اهڙيون ڪارروائيون جاري رکندو. ٻئي پاسي افغانستان جي بچاءَ واري وزارت جو چوڻ آهي ته جمعي جي ڏينهن افغان فورسز جي هوائي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 17 طالبان ماريا ويا جڏهن ته هڪ ڏينهن اڳ ڪيل ڪارروائي ۾ 10 طالبان مارجي ويا.