آل رائونڊر سڪندر رضا ڪينسر جي خطري کان بچي ويو

0
539

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) زمبابوي ٽيم جي آل رائونڊر سڪندر رضا ڪينسر جي خطري کان بچي ويو جڏهن ته ڊگهي عرصي تائين ڪرڪيٽ ۾ واپسي ممڪن نه آهي. ذريعن موجب سڪندر رضا کي عرصي کان کاٻي ٻانهن ۾ تڪليف هئي، گذريل مهيني گڏيل عرب امارات ۾ افغانستان خلاف سيريز دوران سندس تڪليف وڌي وئي هئي. ڊاڪٽرن جي تجويز موجب سڪندر رضا جو 2 اپريل تي آپريشن ٿيو، جنهن دوران ڪينسر جو شڪ ٿيڻ تي بائيوپسي لاءِ سيمپل ورتو ويو. سرجري بعد سڪندر رضا ٽوئٽ ڪيو ته ٽيومر يا ڪينسر جي ٽيسٽ ڪليئر آئي آهي.