لنڊن (م ڊ) آفريڪي ملڪ چاڊ جو صدر ملڪ جي باغين سان ويڙهه ۾ مارجي ويو آهي. چاڊ جي فوج جو چوڻ آهي ته صدر ادريس ديبي ملڪ جي اترين علائقن ۾ باغين سان ويڙهه ۾ اڳين مورچن تي هو جتي هو فوجين سان ملاقات ڪري رهيو هو ته باغين حملو ڪيو جنهن ۾ هو زخمي ٿيو بعد ۾ هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. فوج جو چوڻ آهي ته 300 باغين کي ماريو ويو آهي. ڪالهوڪي ويڙهه ۾ 35 ڄڻا مارجي ويا هئا. صدر ڊيبي جي 37 سالن جي پٽ فور اسٽار جنرل محمد ادريس کي فوجي ڪائونسل جو سربراهه نامزد ڪيو ويو آهي. صدر ادريس ڊيبي جي موت کانپوءِ ، فوج پارليامينٽ کي ٽوڙي 18 مهينن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي. ياد رهي ته ادريس ڊيبي 1990 ۾ فوجي بغاوت کانپوءِ اقتدار ۾ آيو هو ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ ڇهون ڀيرو ملڪ جو صدر چونڊجي ويو هو.































