سجاول جوڻيجو (ن پ ا )سجاول جوڻيجو ۾ يوسي عرضي ڀٽو جي ڳوٺ بهادر ڀنڊ ۽ دلاور جلباڻي جي رهواسين تڪ جي پ پ ايم اين اي آفتاب شعبان ميراڻي ۽ ايم پي اي گنھور خان اسراڻ خلاف پ پ اڳواڻ گدا جلباڻي، درياءَ خان جلباڻي، عبدالقادر جلباڻي، عبدالحفيظ جلباڻي جي اڳواڻي ۾ نيشنل هاءِ وي شھدادڪوٽ رتوديرو روڊ ڀنڊ چوڪ تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو،ڳوٺاڻن ايم اين اي آفتاب شعبان ميراڻي ۽ ايم پي اي گنھور خان اسراڻ ڳولهي ڏيو جا نعرا هنيا. اڳواڻن چيو ته ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، روڊن تي دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهيون، تڪ جا چونڊيل نمائندن پاران  واھر ناهي ڪئي وئي.من پسند ماڻهن کي سامان ڏنو ٿو وڃي.ڌرڻي سبب شھدادڪوٽ رتوديرو سکر شڪارپور لاڙڪاڻو اوسته محمد بلوچستان سميت ٻين ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي آهي.