ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت 19 ۽ 20هين گريڊ جي وڌيڪ 4 آفيسرن کي او ايس ڊي ڪري ڇڏيو، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 20هين گريڊ جي آصف ميمڻ،  19هين گريڊ جي نور احمد،  آغا سهيل پٺاڻ ۽ عبدالغني مهر کي او ايس ڊي ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته آغا سهيل پٺاڻ کي سنڌ فوڊ اٿارٽي ۽ عبدالغني مهر کي اوقاف کاتي مان هٽائي رپورٽ ڪرايو ويو هو.