ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني  ايم پي ايز کي ثقافتي ڏهاڙو ڌوم ڌام سان ملهائڻ جو سڏ ڏيندي واضع ڪيو ته سنڌ خلاف سازشون ٿي رهيون آهن، اهي سازشون بند ڪيون وڃن سنڌ جو کائو پيئو ٿا ان ڪري سنڌ خلاف ڪا به ڳالهه برداشت نه ڪئي ويندي. اسپيڪر آغا سراج دراني پ پ جي يوم تاسيس تي آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر کي مبارڪون ڏيندي چيو ته يوم تاسيس تي آئون نه وڃي سگهيس، ڇاڪاڻ ته آئون ڪسٽڊي ۾ آهيان،  ان دوران پي ٽي آءِ جي پارلياماني اڳواڻ خرم شير زمان چيو ته سڀني ماڻهن جا ڪيس ختم ٿي ويا ته توهان اسپيڪر رڳو قيد ڇو آهيو، اوهان سان ڪهڙي دشمني آهي، ڪيس ڇو نه ٿا واپس ورتا وڃن، ڪهڙو سبب آهي؟. ان تي اسپيڪر آغا سراج دراني ڳالهائيندي چيو ته توهان ته مون لاءِ ڪڏهن نه ڳالهايو آهي، جڏهن ته پارلياماني وزير مڪيش ڪمار چاولا خرم شير زمان کي جواب ڏيندي چيو ته اوهان کي شرم اچڻ گهرجي، توهان ته ڪيس ڪيا آهن، هاڻي  ڪيسن جواعتراف ڪري پوءِ ڳالهايو ٿا.