آغا سراج دراني نظر بند!، ڊجيٽل آدمشماري تي خدشا آهن: اسپيڪر

0
315
آغا سراج دراني نظر بند!،

سنڌ اسيبملي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته ڊجيٽل آدمشماري تي اسان کي به اعتراض آهن، گذريل ڏينهن بلاول ڀٽو زرداري به آدمشماري بابت خدشن جو اظهار ڪيو، اسان جا خدشا ختم نه ڪيا ويا ته پنهنجي حڪمت عملي جوڙينداسين

احتساب عدالت ۾ پيشي وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته مان گهر ۾ نظربند ٿيل آهيان، مون کي خبر نه آهي ته ٻاهر ڇا ٿي رهيو آهي

 آغا سراني دراني آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس ۾ احتساب عدالت آڏو پيش ٿيو، جج جي موڪل تي هئڻ سبب ٻڌڻي نه ٿي سگهي، ريفرنس جي ٻڌڻيءَ لاءِ 21 مارچ جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي

 سپريم ڪورٽ ۽ احتساب عدالت آغا سراج جي ضمانت رد ڪري چڪيون آهن، آغا سراج دراني پنهنجي ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ به درخواست داخل ڪرائي آهي

هي به پڙهندا

مون کان ڪنهن پُڇو آهي، چئن سالن کان زيادتي ٿي رهي آهي: سراج دراني