آغا سراج دراني سپريم ڪورٽ ۾ موجود، نيب ٽيم گرفتاري لاءِ تيار

0
313
آغا سراج دراني سپريم ڪورٽ ۾ موجود، نيب ٽيم گرفتاري لاءِ تيار
آغا سراج دراني سپريم ڪورٽ ۾ موجود، نيب ٽيم گرفتاري لاءِ تيار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي سرينڊر ڪرڻ واري حڪم بعد اسپيڪر آغا سراج دُراني کي عدالتي احاطي مان گرفتار ڪرڻ جون تياريون مڪمل ٿي ويون آھن، اسپيڪر لکت ۾ فيصلو ملڻ بعد نيب اڳيان سرينڊر ڪرڻ لاءِ تيار، آغا سراج دُراني ٻڌڻي ملتوي ٿيڻ باوجود عدالتي احاطي کان ٻاهر نه نڪتو،

نيب راولپنڊي جي ٽيم به اسپيڪر کي گرفتار ڪرڻ لاءِ عدالت ٻاهران موجود آھي، نيب جو چوڻ آهي ته آغا سراج دُراني جيئن ئي عدالت کان ٻاهر نڪتو ته گرفتار ڪيو ويندو، احتساب عدالت ۾ پيش ڪري سندس هڪ ڏينهن لاءِ راهداري رمانڊ ورتو ويندو

ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي آغا سراج دُراني چيو ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بعد سپريم ڪورٽ کان رليف وٺڻ آيا هئاسين، عدالت کان ٻاهر نڪرڻ بعد خبر پوندي ته ڪٿان گرفتار ٿيڻو آهي، لکت ۾ آرڊر نه مليو ته مسجد ۾ به رات گذاريندس، نماز پڙهندس ۽ عبادت به  ڪندس

ھي به پڙھندا

سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دُراني کي نيب اڳيان سرينڊر ڪرڻ جو حڪم