راولپنڊي (م ڊ) عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته هيءَ حڪومت سازش تحت آئي آهي، اسان انهن  چورن، ڦورن ۽ بدمعاشن کي نٿا مڃون. لال حويلي ٻاهران ڪارڪنن کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته چور ۽ ڦورو هڪ سازش تحت آيا، جيڪي چون ٿا سازش نه مداخلت هئي سپريم ڪورٽ ان جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي. هن چيو ته لوٽن جي اسيمبلي جي لعنت ٿو وجهان، انهن چورن جو اتحاد عمران خان خلاف آهي، انهن چورن جو ڪو نظريو ناهي. سندس چوڻ هو ته اهي جماعتون اسان تي الزام ڏينديون هيون ته مهانگائي ٿي وئي، هاڻ ڊالر مهانگو، ڪارخانا بند ۽ پيٽرول جا اگهه وڌي ويا، ڪو انهن کان پڇي ته ڊالر 210 رپين تائين ڪيئن پهتو؟ شيخ رشيد چيو ته لنڊن ۾ ويٺل شخص هاڻ پاڪستان ڇو نه پيو اچي؟ جڏهن ته اها سڄي سازش آصف زرداري جي آهي، جيڪو ن ليگ جو جنازو ڪڍندو. ٽوئيٽ ۾ شيخ رشيد چيو ته هاڻ آصف زرداري پ پ جي ڪمان سنڀالي آهي ۽ ٻئي پاسي ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو هاڻ نواز شريف جي واپسيءَ جو منتظر آهي. هن چيو ته امپورٽڊ حڪومت مفاد پرستن جو ٻيو نالو آهي، انهن کي رڳو پنهنجا ڪيس ختم ڪرائڻ جي ڳڻتي آهي غريب جي نه. سندس چوڻ هو ته تمام جلد بجلي ۾ واڌ جو ٽيون ڪرنٽ لڳندو، پرڏيهي ناڻي جي پهچ، فارن ريزرو ۽ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي جي انهن کي ڪا ڳڻتي ناهي. شيخ رشيد چيو ته پنجاب جي هڪ صوبي ۾ 2 اسيمبلين جا اجلاس ٿي رهيا آهن، حالتون جيتري تيزي سان خراب ٿي رهيون آهن سپريم ڪورٽ کي سوموٽو وٺڻ گهرجي.