آصف زرداري خلاف ٺٽو واٽر سپلاءِ ريفرنس جي ڪارروائي ختم

0
270
ايندڙ سال ڪمند جو في

اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف ٺٽو واٽرسپلاءِ ريفرنس جي ڪارروائي ختم ڪري ڇڏي، آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته نيب جو ريفرنس رڳو هڪ انتقامي ڪارروائي هئي

 ريفرنس ۾ اعجاز احمد خان، علي اڪبر ابڙو، اختر دراني، اعجاز ميمڻ به جوابدار نامزد هئا، عدالت ڪارروائي ختم ڪندي ريفرنس واپس نيب ڏانهن اماڻي ڇڏيو، احتساب عدالت مني لانڊرنگ ريفرنس مان آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي بريت وارين درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

 آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ دليل ڏيندي چيو ته آصف زرداري تي ريفرنس ۾ 30 ملين رپين جي مني لانڊرنگ جو الزام آهي، نيب الزام ثابت نه ڪري سگهي آهي

فاروق ايڇ نائيڪ جو چوڻ هو ته نيب قانون ۾ ترميم بعد هي ريفرنس عدالت جي دائره اختيار ۾ نه ٿو اچي، عدالت دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو

هي به پڙهندا

خواهش آهي ته عام ماڻهوءَ تي بار نه پوي پر آءِ ايم ايف ڪجهه ٻيو چاهي ٿو: ناڻي واري مملڪتي وزير

ڪراچي ۾ نتيجا دير سان اچڻ سبب شڪ پيدا ٿيا آهن: سراج الحق