آصف زرداري خلاف نفرت ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ شيخ رشيد اڊيالا جيل منتقل

0
223
اسلام آباد: شيخ رشيد جي

اسلام آباد جي عدالت آصف زرداري خلاف نفرت ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ گرفتار شيخ رشيد جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، شيخ رشيد کي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

 شيخ رشيد عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته مون کي رات 3 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جديشل ماجسٽريٽ عمر شبير سوال ڪيو ته ڪهڙو تشدد ٿيو آهي زخم ڏيکاريو

 شيخ رشيد جي پنهنجي هٿن تي زخم ڏيکاريا، عدالت جي حڪم تي شيخ رشيد جون هٿڪڙيون کوليون ويون

 شيخ رشيد چيو ته تشدد دوران چيو ويو عمران خان جو ساٿ ڇو ٿو ڏئين، آئون مرڻ گهڙي تائين عمران خان جو ساٿ ڏيندس، مون کي ننڊ نه ڪرڻ ڏني وئي، هٿ پير ٻڌي جاڳيل رکيو ويو

 عدالتي حڪم بعد اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد کي جڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو آهي