آصف زرداري جي ڊيل ناهي ٿي، تڏهن جلسن ۾ فوج بابت ڳالهائي رهيو آهي: فواد چوڌري

0
269
عدليه ۾ احتساب جو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته آصف زرداري جي ڳالهين مان مون کي مايوسي نظر اچي رهي هئي، جنهن مان لڳي پيو ته ان کي ڊيل ناهي ملي، جيڪڏهن هن جي ڊيل ٿي وڃي ها ته جلسن ۾ اهڙيون ڳالهيون نه ڪري ها، جلسن ۾ اهڙي قسم جون ڳالهيون اهي ڪندا آهن جن جون خواهشون پوريون ناهن ٿينديون، زرداري صاحب جي به لڳي ٿو خواهش پوري ناهي ٿي، جنهن ڪري هاڻي هو فوج جي مٿان ڳالهائي ٿو

فواد چوڌري چيو ته هنن کي هڪ ڏينهن ڊيل جي اميد ملي وڃي ٿي ته هي سڀ پالش کڻي پهچي وڃن ٿا، ٻئي ڏينهن جيڪڏهن هنن جي اميد پوري نه ٿي ٿئي ته اجايو بڪڻ شروع ڪن ٿا، هي ساڳئي پگهار تي ڪم ڪندا رهندا، هنن جي سياست ائين ئي آهي، عوام ۾ ته هنن جي سياست آهي ئي ڪانه، هن خيبرپختونخوا ۾ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته هي وفاقي ڪابينا جو اجلاس هو، پي ٽي آءِ جي ڪور ڪاميٽي جو اجلاس نه هو، جڏهن ڪور ڪاميٽي جو اجلاس ٿيندو ته ان ۾ ان مامري تي ڳالهائبو.