لاڙڪاڻو( رپورٽ نادر ابڙو ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي ۾ پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ايم پي اي غلام مجدد اسراڻ جي لاڏاڻي تي سندس پٽ آفتاب ۽ غلام محمد اسراڻ سان تعزيت ڪري مرحوم جي بلند درجات لاءِ دعا گهري. آصفه ڀٽو زرداري جي لاڙڪاڻي شهر آمد جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪندي وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو. هوڏانهن تعزيت بعد آصفه ڀٽو زرداري نئون ديرو هائوس رواني ٿي وئي. ان کان اڳ آصفه ڀٽو زرداري پنهنجي پڦي ايم پي اي فريال ٽالپر سان گڏجي ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهداءِ جمهوريت جي مزارن تي حاضري ڀري جتي هنن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد بيگم نصرت ڀٽو، شهيد مير مرتضي ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي گلن جون چادرون چاڙهي فاتح خواني پڻ ڪئي. آصفه ڀٽو زرداري ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر جي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو آمد جي موقعي تي مزار کي عام ماڻهن کان خالي ڪرائي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا. ان بعد آصفه ڀٽو زرداري نئون ديرو ۾ بختاور ڀٽو ماڊل اسڪول جو دورو ڪيو جتي اسڪولي ٻارڙن کيس گلدستا پيش ڪري سندس آجيان ڪئي. دوري دوران آصفه ڀٽو زرداري ڪلاسن وڃي ۾ فيميل ٽيچرن ۽ اسڪولي ٻارڙن سان ملاقات ڪئي جتي فيميل ٽيچرن آصفه ڀٽو زرداري کي ٻارن جي تعليمي نصاب ۽ ٻين سرگرمين بابت آگاهي ڏني. ان موقعي تي آصفه ڀٽو زرداري اسڪولي ٻارڙن کان سندن سبق معلوم ڪري مٿي تي شفقت جو هٿ رکي کين شاباسي پڻ ڏني.