ڪراچي(شوبز نيوز) آسڪر تقريب کان اڳ علي سيٺي جي ڳايل گيت جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، تقريب ۾ علي سيٺي کي لتا منگيشڪر جو گيت ڳائيندي ٻڌو ويو آهي. آسڪر جي تقريب کان اڳ ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 14 جي سپر هٽ گيت ”پسوڙي“ ذريعي سڄي دنيا ۾ شهرت حاصل ڪندڙ پاڪستاني سنگر علي سيٺي جي شاندار پرفارمنس جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. ويجهڙ ۾ ئي آمريڪي شهر لاس اينجلس ۾ آسڪر جي مک تقريب کان اڳ ڏکڻ ايشين ايڪسي لينس پارٽي رکي وئي هئي جنهن جي ميزباني پريانڪا چوپڙا ڪئي. ان تقريب ۾ پاڪستاني ڳائڻي علي سيٺي پرفارم ڪيو، بعد ۾ هن پنهنجي انسٽاگرام تي وڊيو پوسٽ ڪئي جنهن ۾ هن کي ڀارتي سنگر لتا منگيشتر جي آواز ۾ ڳايل گيت يه سما، سما هي يه پيار ڪا تي پرفارم ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.