سڊني(انٽرسٽنگ نيوز) آسٽريلوي پوليس اعلان ڪيو آهي ته ڏکڻ اولهه آسٽريليا ۾ هڪ جهنگلي ڪينگرو هڪ شخص کي ماري ڇڏيو. 1936ع کانپوءِ آسٽريليا ۾ ڪينگرو جو اهو پهريو قاتلاڻو حملو آهي. پرڏيهي رپورٽ موجب 77 سالن جي پيرسن جو لاش مليو آهي، اهڙو اطلاع هن جي هڪ مائٽ ڏنو ته هو پنهنجي گهر ۾ مرده حالت ۾ مليو آهي. پوليس بيان ۾ ٻڌايو ته اسان کي يقين آهي ته هن شخص تي صبح جي وقت هڪ ڪينگرو حملو ڪيو هو. پوليس اهلڪارن جو چوڻ آهي ته اسان ان ڪينگرو کي گولي هڻي ماري ڇڏيو ڇو ته اها طبي عملي کي زخمين تائين پهچڻ کان روڪي ڇڏيو هو. پوليس جي بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڄاڻايل ڪينگرو هنگامي طبي عملي لاءِ هڪ مستقل خطرو هو، حادثي ۾ هن شخص جي موقعي تي ئي موت ٿي وئي. پوليس جو چوڻ آهي ته مقامي آسٽريلوي ماڻهن کي ڪينگرو کي پالتو جانور طور تي رکڻ تي پابنديون آهن ان باوجود مرندڙ شخص جهنگلي ڪينگروز کي پالتو جانور طور تي پالي رهيو آهي.