سڊني(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي شهر برسبين ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي ميچ برسات سبب اڌ ۾ روڪي وئي. افغانستان پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 154 رنز ٺاهيون. محمد نبي 51 رنز ٺاهي نمايان رهيو، شاهين شاه آفريدي ۽ حارث رئوف 2-2 وڪيٽون ورتيون. پاڪستان 2.2 اوورن ۾ بنا ڪنهن نقصان جي 19 رنز ٺاهيون ته برسات شروع ٿي وئي جنهن سبب ميچ ٻيهر نه ٿي سگهي. ڏکڻ آفريڪا ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٿيندڙ ميچ به برسات سبب نه ٿي سگهي. ان کان علاوه ڀارت ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٿيندڙ مقابلو به برسات جي نذر ٿي ويو.