سڊني (م ڊ) آسٽريليا پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين لاءِ وڌيڪ 3 ملين ڊالر امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو. پاڪستان هاءِ ڪميشن آسٽريليا موجب تباهي آڻيندڙ ٻوڏ 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي متاثر ڪيو آهي. ملڪ جو اڌ کان وڌيڪ حصو ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏل آهي. آسٽريليا پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين لاءِ وڌيڪ 3 ملين ڊالر امداد جو اعلان ڪيو آهي. ان موقعي تي پاڪستاني هاءِ ڪميشن چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام مصيبت جي هن گهڙي ۾ آسٽريليا جي يڪجهتي جي تعريف ڪري ٿي. پاڪستان هاءِ ڪميشن آسٽريليا موجب آسٽريلوي امداد ورلڊ فوڊ پروگرام ذريعي ڏني ويندي.