لنڊن(اسپورٽس نيوز) ڪجهه ڏينهن اڳ ٽي ٽوئنٽي جي عالمي چئمپين بڻجندڙ انگلينڊ جي ٽيم ون ڊي رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن کان محروم ٿي وئي. تفصيل موجب آسٽريليا خلاف ٽن ون ڊي ميچز جي سيريز ۾ وائٽ واش ٿيڻ کانپوءِ انگلينڊ ٽيم 113 پوائنٽن سان ٻي پوزيشن تي اچي وئي. نيوزيلينڊ 114 ريٽنگ پوائنٽس سان ٽاپ پوزيشن حاصل ڪري ورتي جڏهن ته ڀارت ۽ آسٽريليا 112 ريٽنگ پوائنٽس سان ترتيبوار ٽئين ۽ چوٿين پوزيشن تي موجود آهن. پاڪستان 107 پوائنش سان پنجين نمبر تي موجود آهي.