سڊني(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان پيٽ ڪمنز پنهنجي گرل فرينڊ بيڪي بوسٽن سان شادي ڪري ورتي. پيٽ ڪمنز ٽوئٽر تي پنهنجي شاديءَ جي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ آسٽريلوي ڪپتان کي ڪاري رنگ جو سوٽ پهريل آهي جڏهن ته هن جي ڪنوار بيڪي روايتي طرز جي اڇي رنگ جو جوڙو پهري رکيو آهي. آسٽريلوي ڪپتان تصوير سان گڏ ڪيپشن ۾ لکيو “جسٽ ميريج”. واضح رهي ته ٻنهي 2020ع ۾ مڱڻي ڪئي هئي جڏهن ته ٻنهي کي 2021ع ۾ پٽ جو اولاد ٿيو هو.