نيويارڪ (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ هڪ اهڙي خطري جو امڪان وڌي ويو آهي جنهن سبب هتان جي لکين شهرين جي زندگي خطري ۾ پئجي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا ۾ ٿيل هڪ نئين تحقيق ۾ ڀوائتو انڪشاف سامهون آيو آهي ته نيويارڪ شهر کي هوريان هوريان سمنڊ ڳڙڪائيندو پيو وڃي ۽ ان جو ڪارڻ به انسان ئي آهن. تحقيق موجب، نيويارڪ ۾ بلند ترين عمارتن جو وزن هتان جي سامونڊي سطح کي وڌائي رهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا جي هن جديد ۽ ڪاروباري شهر کي سمنڊ هوريان هوريان ڳڙڪائيندو پيو وڃي. پرڏيهي ميڊيا موجب، نيويارڪ کي هر سال هڪ کان ٻه ملي ميٽر تائين سمنڊ ڳڙڪائي رهيو آهي، جڏهن ته شهر جا ڪجهه علائقا ساليانو ٻه ڏهائي پنجهتر ملي ميٽر جي تيزي سان ٻڏي رهيا آهن. ماهرن نيويارڪ جي سمورين عمارتن جو وزن اٽڪل 842 ملين ٽن لڳايو آهي ۽ ان تحقيق ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته شهر ۾ نيون عمارتون ٻوڏ جو خطرو وڌائي سگهن ٿيون ۽ ان حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي. آمريڪي جيولوجيڪل سروي جي تحقيق موجب، نيويارڪ شهر جي اٺ ملين کان وڌيڪ آبادي ٻوڏ جي وڌندڙ خطرن کي منهن ڏئي سگهي ٿي، جڏهن ته سامونڊي پٽي، دريا يا ڍنڍ ڪناري تعمير ڪيل عمارتون مستقبل ۾ ٻوڏ جو خطرو وڌائي سگهن ٿيون.