اسلام آباد: وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ گهرو وزارت ملڪ جي 75هين سالگره جي موقعي تي قيدين جي سزائڻ ۾ 3 مهينن تائين گهٽتائي ڪرڻ جي سفارش ڪئي، ڪابينا گهرو وزارت ۽ قانون وزارت کي هدايت ڪئي ته ملڪ جي 75هين يوم آزاد جي مناسبت سان قيدين جي سزا ۾ گهٽتائي جي ٻيهر سمري پيش ڪئي وڃي، ان حوالي سان لاڳاپيل قانونن جي روشني ۾ بزرگ شهرين، عورتن، ٻارن ۽ اهي تمام قيدي جيڪي پنهنجي سزائن جو هڪ ڀاڱي 3 حصو ڪٽي چڪا آهن انهن لاءِ سزا ۾ خصوصي گهٽتائي ڪرڻ جي تجويز شامل ڪئي وڃي.