لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ )لاڙڪاڻي جي بيگم نصرت ڀٽو گرلز ڊگري ڪاليج ۾ پاڪستان جي آزادي کي 75 سال پورا  ٿيڻ تي ڊائمنڊ جوبلي جي خوشي ۾ تقريب ڪوٺائي وئي. جنهن ۾ خاص مهمان طور ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز لاڙڪاڻو پروفيسر احمد بخش ڀٽو، ۽ اعزازي مهمان طور اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪاليجز لاڙڪاڻو پروفيسر عقيل احمد لاکير شرڪت ڪئي.شاگردياڻي تانيه تلاوت ڪئي ۽ اقصي نعت رسول مقبول پيش ڪئي بعد ۾ قومي تراني سان گڏ پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪائي ڪيڪ ڪاٽيو.مريم تقرير ڪندي آزادي جي اهميت تي روشني وڌي، يسرا پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا پيش ڪئي، شاگردياڻي نور ملائڪا بروهي سڄي تقريب جي ڪارروائي هلائي. ان موقعي تي پرنسپال پروفيسر ثمينا ابڙو ۽ ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز پروفيسر بخش ڀٽو خطاب ڪندي چيو ته 75 سالن جي آزادي وارو سفر اسان جي وڏڙن جي لازوال قرباني جو داستان آهي اسان جي وڏڙن وڏيون قربانيون ڏئي ان ملڪ کي آزاد ڪرايو پيارو وطن پاڪستان بزگن جي قربانين ۽ عظيم جدوجهد جو ثمر آهي.آخر ۾ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي لاءِ دعائون پڻ گهريون ويون.