.. آرٽ اسٽوڊيو ..

0
107

 هي منهنجو ڪلياڻ آهي، اسان جي آرٽ ۾ نسل جي ٽين کيپ.. اسڪول وڃڻ کان تپ اٿس.. اسڪول جو نالو ٻڌندي ئي اوٻاسيءَ ۾ پئجيو وڃي.. باقي جتي به هجي ٿو، پنهنجو آرٽ اسٽوڊيو قائم ڪري وٺي ٿو..

                         هتي کنڊرن ۾ سندس فن پارن جي نمائش جاري آهي.. هن جون اهڙيون هزارين حرڪتون آهن. هو هڪ پاسي کان خالي پنا ڪهڙي به سائز جا هجن، وزٽنگ ڪارڊ ڪنهن جا به هجن، اهي ضايع نه ڪندو آهي پر انهن تي ڪو نه ڪو چِٽُ چٽي پوءِ ڇڏيندو آهي..

                          هن جا هزارن جي ڳڻپ ۾ “چائنا ڪِلي” تي ٺاهيل مجسما به ڏسڻ جوڳا آهن.. هينئر تائين هن جي ڪم جو ڪو هدايتڪار يا استاد به ناهي.. هن جي ڪم جي حرڪتن تي خوشي به ٿيندي آهي ته ڳڻتي به .. بهرحال الله جي آسري.. (اخلاق جوکيو جي فيس بوڪ وال تان ورتل)