ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ورڪس واري وزير ضياءَ عباس شاھ کي پرڳڻي جي انجنيئرنگ يونيورسٽين  ( اين اي ڊي، دائود، مهراڻ ۽ قائد عوام ) جو پرو چانسلر مقرر ڪري ڇڏيو ان حوالي سان وڏي وزير جي منظوري بعد صوبائي وزير کي انجنيئرنگ يونيورسٽين جو پرو چانسلر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏيڻ کانپوءِ يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي اختيارين پاران نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آرٽس ۾ ماسٽر ڊگري رکندڙ وزير کي انجنيئرنگ يونيورسٽين جو پروچانسلر مقرر ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته رولز ۾ اهڙي مقرري جي گنجائش موجود ناهي. واضح رهي ته سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽين جي پروچانسلر صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو مقرر ٿيل آهي.