آرٽسٽ سحر شاھ جي ڀاءُ ۽ ماڪن شاھ رضوي جي پٽ جو لاش ھٿ

0
501
ماڪن شاھ رضوي جي پٽ جو لاش ھٿ
آرٽسٽ سحر شاھ جي ڀاءُ ۽ ماڪن شاھ رضوي جي پٽ جو لاش ھٿ

حيدرآباد : نامياري آرٽسٽ سحر شاھ جي ڀاءُ ۽ نامياري ريڊيو ڪمپيئر ماڪن شاھ رضوي جي پٽ جو حيدرآباد جي ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد مان لاش ھٿ آيو آهي

پوليس موجب ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد ۾ رھندڙ پارس شاھ جو لاش تقريبن ٽي ڏينهن پراڻو لڳي ٿو

خانداني ذريعن موجب پارس شاھ جو آخري ڀيرو چار ڏينهن اڳ ڇنڇر واري ڏينهن گھر ڀاتين سان رابطو ٿيو ھو

پوليس جو چوڻ آهي ته پارس شاھ جو موت ڪيئن ٿيو، ان حوالي سان جاچ ڪري رهيا آهيون