آريان خان ڇاپي دوران جهاز تي موجود ئي نه هو : وڪيل جي وڏي دعويٰ

0
286

ممبئي(شوبز نيوز) وڪيل ڇاپي دوران آريان خان جي ڪريوز تي موجودگي واري الزام کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو. تفصيل موجب خاص اين ڊي پي ايس ڪورٽ ۾ آريان خان جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي دوران وڪيل اميت ڊيسائي چيو آهي ته آريان خان ڪريوز تي موجود ئي نه هو، اهو الزام ئي ڪوڙو آهي.

هن چيو ته منهنجي موڪل کي ڪريوز تي وڃڻ کان اڳ ئي گرفتار ڪيو ويو هو، آريان خان ۽ ارباز مرچنٽ جڏهن انٽري گيٽ تي پهتا ته اين سي بي جو ڇاپو اڳ ۾ جاري هو، اين سي بي کي منهنجي موڪل وٽان ڪجهه به هٿ ناهي آيو. نه ئي آريان خان جو ان ڳالهه سان هن وقت تائين ڪو تعلق ثابت ٿيو آهي.

اميت ڊيسائي عدالت کي چيو ته اين سي بي آريان خان خلاف انتهائي سنگين نوعيت جا جملا استعمال ڪيا آهن، مونکي شڪ ناهي انهن کي خبر آهي ته اين ڊي پي ايس ايڪٽ ۾ غير قانوني اسمگلنگ جو مطلب ڇا آهي.آريان خان جي وڪيل اين سي بي جي الزام تي چيو ته ڇوڪرَي وٽان ڪجهه مليو ئي ناهي ته ان تي غيرقانوني اسمگلنگ جو الزام هڪ مذاق ۽ ڪوڙ آهي.وڪيل پنهنجي دليلن دوران چيو ته ڪجهه ننڍا ٻار آهن، ڪيترن ئي ملڪن ۾ اهڙي قسم جي منشيات قانوني آهي، ضمانت  لاءِ وڌيڪ دير نه ڪئي وڃي.

 

ھي به پڙھندا

آريان جي گرفتاري: شاھ رخ خان جي ڌيءَ سھانا منظر تان غائب ڇو؟