آريان جي گرفتاري: نقلي شاه رخ جون به مشڪلاتون وڌي ويون

0
267
آريان جي گرفتاري

ڪراچي(م ڊ) آريان خان جي گرفتاري سان شاه رخ خان ۽ ان جو خاندان پريشان  ته آهي ئي آهي پر بالي ووڊ ڪنگ جي هم شڪل جون به مشڪلاتون وڌي ويون آهن.

ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ 45 ورهين جي راجو راهڪوار جو چوڻ آهي ته گذريل ڏيڍ سالن کان ڪورونا جي ڪري سمورا ايونٽس منسوخ ٿي ويا هئا هاڻ هاڻي ڪجهه حالتون بهتر ٿيون ته آريان جو واقعو اچي ويو.

راجو جو چوڻ آهي ته آريان جي گرفتاري کانپوءِ جتي مشههور برانڊ شاه رخ جو اشتهاري روڪي ڇڏيا اتي منهنجي 10 آڪٽوبر تي جي پور ۾ منعقد ڪيل هڪ سالگره جي تقريب به منسوخ ڪئي وئي جڏهن ته هڪ هفتي کانپوءِ ان ئي شهر ۾ منهنجي سماجي تقريب ۾ شرڪت به روڪي وئي.

هن حوالي سان آرگنائزر جو وڻ آهي ته عوام شاه رخ جي موجوده اميج کان مطمئن ناهي، ان لاءِ هو ان جي هم شڪل کي مدعو نٿا ڪري سگهو.

راجو چيو مون کي يقين آهي ته تمام جلد شاه رخ خان هن واقعي کان مضبوطي سان ٻاهر اچي ويندو..

ھي به پڙھندا

پُٽ جي گرفتاري شاه رخ خان کي ٽوڙي ڇڏيو، کائڻ پيئڻ ۽ سمهڻ به ڇڏي ڏنو