آريان جي گرفتاري: شاھ رخ خان جي ڌيءَ سھانا منظر تان غائب ڇو؟

0
718

ڪراچي: بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ جي  پٽ آريان خان کي منشيات جي ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ کانپوءِ شاھ رخ خان جي ڌيءَ سھانا جي حوالي سان ڪي بھ تفصيل سامھون نھ آيا آھن.ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب تازو خبر پئي ھئي تھ سھانا ڀارت ۾ ڪونھي ۽ ٻاھرين ملڪ پنھنجي پڙھائي لاءِ ويل آھي.

ڀارتي رپورٽس موجب سھانا ھر ڪلاڪ ڀارت فون ڪري پنھنجي والدا گوري خان ۽ آريان ۽ شاھ رخ خان جي صحت بابت پڇندي رھندي آھي ۽  ھوءَ ھن صورتحال بابت تمام گھڻي پريشان آھي.

رپورٽ موجب آريان خان جي منشيات ڪيس جي خبر جھنگ جي باھ جيان پکڙجي وئي تھ ھُن والدا ۽ والد کي فون ڪيو ۽ انھن کان وطن واپس موٽڻ جي اجازت گھري جنھن تي گوري سخت لھجي ۾ سھانا کي اُتي ئي رھڻ جو حڪم ڏنو. گوري خان چاھي ٿي تھ آريان جي ڪري سھانا ۽ ان جي ننڍي پٽ ابرام جي روٽين ۾ خلل نھ اچي.

ھي به پڙھندا

آريان جي گرفتاري: نقلي شاه رخ جون به مشڪلاتون وڌي ويون