اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق چيو آهي ته لڳي ٿو ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته آرمي چيف ڪير ٿيندو، پر اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته 22 ڪروڙ عوام جي قسمت ڪڏهن تبديل ٿيندي، ٻوڏ تباهين جي حوالي سان ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته جيڪو ڪجهه ٻوڏ متاثرن لاءِ ملي رهيو آهي اهو شفاف طريقي سان تقسيم ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومتي نظام تي ماڻهن کي اعتماد ناهي، ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ حڪومت مقامي ماڻهن، وڪيلن، صحافين، سماجي تنظيمن جي نمائندن تي ٻڌل ڪاميٽيون ٺاهي جن ذريعي امداد تقسيم ڪئي وڃي، جتي جتي فوج مدد لاءِ وئي آهي اتي ماڻهن رليف محسوس ڪيو آهي، ٻوڏ جي مسئلي تي به وزيراعظم سميت تمام وڏا وزير هڪ پيج تي نه آهن، حڪومت اگر پيراسٽامول به نه ٿي ڏئي سگهي ته پوءِ هي حڪومت ڪهڙي ڪم جي آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ 20 کان وڌيڪ ڀيرا ٻوڏ اچي چڪي آهي، هر ڀيري ٻه ٽي مهينا روئڻ پٽڻ کان پوءِ خاموش ٿي وڃون ٿا، هڪ سونامي ته اها آهي ته اسان جا حڪمران سبق سکڻ لاءِ تيار ناهن، 2010ع جي ٻوڏ بابت ڪميشن ٺهي ان جي رپورٽ تي ڪهڙو عمل ٿيو؟ هن چيو ته ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ بابت بروقت قدم نه کنيا ويا ته ڏڪار پيدا ٿيڻ جو خطرو آهي، زرعي ايمرجنسي جو اعلان ڪري پاڻي ڪڍيو وڃي ته جيئن ڪڻڪ جي پوکي جي تياري ٿي سگهي، هارين کي ڪڻڪ جو ٻج ڏنو ۽ 6 مهينن لاءِ مفت بجلي ڏني وڃي، سراج الحق چيو ته آصف زرداري، جهانگير ترين، ملڪ رياض، ميان منشا، عليم خان، نواز شريف، شهباز شريف جهڙا ماڻهو ڪڏهن ٻوڏ متاثرن جي ڪم ايندا؟