لنڊن (م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري آئين ۽ قانون موجب ٿيندي، اهم مقرري کي سياسي نه بڻائڻ گهرجي، سپهه سالار جي مقرري تي نومبر ۾ مشاورت شروع ٿيندي. لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته نواز شريف جلد واپس ايندو، اڳوڻي وزيراعظم کي سڀاڻي موٽڻو آهي ته مان چوندس اڄ ئي موٽي، ساڻس انصاف ٿيڻ گهرجي، هن سان ٿيل زيادتي جو ازالو ڪيو وڃي. نواز شريف پاڪستان جو اثاثو آهي. هن چيو ته عمران خان اداري طرفان مداخلت چاهي ٿو، عمران خان پهريون سياسي ليڊر ۽ پي ٽي آءِ پهرين سياسي جماعت آهي، جيڪا چاهي ٿي ته ادارو مداخلت ڪري، آرمي چيف جي مقرري تي بچاءَ واري وزارت، جي ايڇ ڪيو ۽ وزيراعظم مشاورت ڪندا آهن. سندس چوڻ هو ته اسان نٿا چاهيون ڪو اهڙو فيصلو ڪيون، جنهن سان اسان جون ڏکيائيون وڌن، اسان چونڊن کان نه پيا ڀڄون، عام چونڊون آگسٽ 2023 ۾ ٿينديون. آرمي چيف جي مقرري وقت تي يٿندي، جيئن اڳ ۾ ٿيندي رهي آهي ائين ئي ٿيندي رهندي، اهو ئي پراسس ٿيندو. هن چيو ته آرمي چيف جي وفاداري پهرين ملڪ سان پوءِ پنهنجي اداري سان هوندي آهي، هو ڪنهن شخص جو وفادار نه هوندو،