لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو ته جيل وڃڻ لاءِ تيار آهيان، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته آرمي چيف ڇو هنن جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي، حڪومت جا موجوده قدم اسٽيبلشمينٽ جي حمايت کانسواءِ ممڪن نه آهي. بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته منهنجي گرفتاري ڪوشش سان اهي وعدا پورا ڪيا پيا وڃن جيڪي موجوده آرمي چيف جي مقرري وقت اسٽيبلشمينٽ پاران اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان ڪيا ويا هئا. عمران خان چيو ته اسٽيبلشمينٽ جي حمايت کانسواءِ موجوده حڪومت ڪجهه نه ٿي ڪري سگهي، افسوس آهي ته اڄ فوج ۽ ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي کي آمهون سامهون آندو پيو وڃي، اسٽيبلشمينٽ اڄ هنن جي پٺڀرائي ختم ڪري ڇڏي ته هي هڪ ڏينهن به نه ٿا هلي سگهن، مونکي افسوس آهي ته نوازشريف سان آرمي چيف جي مقرري وقت جيڪي واعده ڪيا ويا اهي پورا ڪيا پيا وڃن، ڪهڙو ملڪ آهي جيڪو  عوام ۽ فوج وچ ۾ فاصلا پيدا ڪندو آهي؟ انٽرويو دوران عمران خان کان سوال ڪيو ويو ته آخر آرمي چيف جنرل عاصم منير کي توهان خلاف اهڙا قدم کڻڻ سان ڇا ملندو؟ جنهن تي عمران خان چيو ته مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي، آئون پاڻ حيران آهيان، عجيب ماحول ٺهي ويو آهي، مونکي آرمي چيف جي سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته اهو ڇو پي ڊي ايم جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي، ڇا ان کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ان سان اداري کي نقصان پهچي رهيو آهي؟ جيڪڏهن مونکان پڇو ٿا ايئن ڇو ٿو ٿئي ته شايد نوازشريف سان اهڙو ڪو واعدو ڪيو ويو هجي، جيڪو پورو ڪيو پيو وڃي پر پاڪستان سان ان کان وڌيڪ ظلم ڪهڙو هوندو. عمران خان چيو ته آئون جيل وڃڻ لاءِ تيار آهيان، آئون ڊڄان نه ٿو، گرفتاري سان مونکي يا منهنجي سياست کي ڪوبه نقصان نه پهچندو، نوازشريف 2 ڀيرا ڊڄي ملڪ مان فرار ٿي ويو، گرفتار ٿيڻ جي صورت ۾ مون پارٽي ۾ هڪ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا روزانو جي بنياد تي فيصلا ڪندي ۽ پارٽي هلائيندي. ڪارڪنن پاران فورسز تي تشدد واري سوال تي عمران خان چيو ته منهنجا حمايتي ان ڪري منهنجي گهر ٻاهران موجود آهن، ڇاڪاڻ ماضي ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي رات جي انڌيري ۾ کنڀي مبينا طور تي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، مونکي ناهي خبر ته جيل ۾ ڇا ٿيندو پر آئون تيار آهيان، انسان کي هر شئي لاءِ تيار رهڻ گهرجي. هڪ سوال تي عمران خان چيو ته هن وقت منهنجا اسٽيبلشمينٽ سان رابطا ناهن، اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جي ڪوشش نه پئي ڪئي وڃي، هڪ سياسي جماعت سدائين پنهنجا رستا کوليندي آهي ۽ اسان چاهيو ڇا پئي؟ اسان جنرل باجوه سان ملاقات ڪري اهو چيو هو ته اليڪشن ڪرايو، ملڪ کي بچايو، معيشت کي بچايو، اسان چيو هو ته بحران مان نڪرڻ جو واحد رستو هڪ ئي آهي، جيستائين سياسي استحڪام نه ايندو، تيستائين معاشي استحڪام نه ايندو، مون جنرل باجوه کي اهو چيو هو ۽ موجوده آرمي چيف کي به ساڳيو پيغام موڪلي رهيو آهيان پر ڇا ان کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي، ڇا ان کي اهو سڀ نظر نه اچي رهيو آهي، جيڪو سڀني جي سامهون آهي؟.هن چيو ته قوم مونکي 50 سالن کان سڃاڻي ٿي، ڇا مونکي جيل ۾ وجهڻ سان قوم مڃي وٺندي ته مون قتل، ڪرپشن، غداري يا دهشتگردي ڪري ڇڏي، مونکي جيل ۾ وجهڻ سان هنن جو نقصان ٿيندو، مونکي ڪوبه نقصان ناهي. اينڪر سوال ڪيو ته توهان بار بار سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار جي ڳالهه ڪندا آهيو ته توهان حڪومت ۾ اچڻ جي صورت ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مبينا مداخلت روڪڻ لاءِ ڇا ڪندا؟ جنهن تي عمران جواب ڏنو ته آئون سمجهان ٿو ته ملڪ هڪ ٻڌڻ ۾ ڦاسي پيو آهي، ملڪ ۾ جيستائين طبقاتي قانون موجود هوندو، جيستائين قانون جي حڪمراني نه هوندي، تيستائين اهو ممڪن نه ٿو ٿي سگهي.