بيجنگ (م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چين ۾ پيپلز لبريشن آرمي(پي ايل اي) جي ڪمانڊر سان ملاقات ڪئي  ۽ گڏيل سيڪيورٽي معاملن ۽ فوجي سهڪار تي ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر موجب چين پهچڻ تي آرمي چيف جنرل عاصم منير جو پرجوش استقبال ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف کي پي ايل اي هيڊ ڪوارٽرز ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. آرمي چيف پي ايل اي جي ڪمانڊر سان تفصيلي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل سلامتي جي معاملن ۽ فوجي سهڪار تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ خطي ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ  ۽ فوجي تعاون وڌائڻ جو ارادو ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب جنرل عاصم منير پي ايل اي جي دستن جي آپريشنل صلاحيتن جي مظاهري جو به مشاهدو ڪيو. آرمي چيف تربيت جي اعليٰ معيار ۽ فوجين طرفان ڏيکاريل پيشوارانه مهارت جي تعريف ڪئي. آرمي چيف ٻنهي فوجين وچ ۾ پراڻن لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ چين ۾ فوجي اڳواڻن سان وڌيڪ ملاقاتون ڪندو. اهي ملاقاتون آرمي چيف جي چئن ڏينهن واري دوري جو حصو آهن.