اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم نئين آرمي چيف جي مقرري واري معاملي تي اتحادي پارٽيز کي اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو، اتحادي پارٽين وزيراعظم تي اعتماد ڪندي چيو ته اهم مقرري بابت توهان جي هر فيصلي سان گڏ بيهنداسين، آئين وزيراعظم کي مقرري جو اختيار ڏئي ٿو، ذريعن موجب حڪمران اتحاد ۾ شامل پارٽين آرمي چيف جي مقرري واري معاملي تي وزيراعظم شهباز شريف مٿان اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اتحادي پارٽين جو مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پارٽين جي سربراهن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ اهم مقررين جي معاملي تي مشاورت ڪئي وئي، وزيراعظم اتحادين کي اهم مقررين تي اعتماد ۾ ورتو، اجلاس ۾ اتحادي پارٽين جي سربراهن وزيراعظم تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو. ذريعن موجب اڳوڻي وزيراعظم ۽ ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت وزيراعظم شهباز شريف کي چيو ته الله اوهان کي عزت ۽ عهدي سان نوازيو آهي، اهم مقرري ڪرڻ اوهان جو آئيني حق آهي، اسان اوهان سان گڏ آهيون. جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته اوهان جيڪو به فيصلا ڪندا اسان اوهان سان گڏ آهيون. اڳوڻي صدر ۽ پ پ  جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري چيو ته اوهان وزيراعظم آهيو، آئين اهو اختيار ۽ استحقاق اوهان کي سونپيو آهي. پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري به وزيراعظم جي حمايت ڪندي چيو ته ميان صاحب ! اسان هر فيصلي تي اوهان سان گڏ آهيون، ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو ته اوهان تي مڪمل اعتماد آهي، اوهان جو آئيني حق آهي اوهان اسان سان مشاورت ڪئي جنهن تي ٿورائتا آهيون. شاهزين بگٽي چيو ته آئين اوهان کي ذميواري ڏني آهي اسان اوهان جي فيصلن جي حمايت ڪريون ٿا، مشاورت ڪرڻ اوهان جي جمهوري سوچ جو مظهر آهي، آفتاب شيرپائو چيو ته مقرر ڪرڻ اوهان جو اختيار آهي، اوهان اسان تي اعتماد ڪيو، اسان اوهان تي اعتماد ڪريون ٿا، محسن داوڙ چيو ته اهم مقررين جو اختيار اوهان وٽ آهي اوهان کي ان جا مجاز آهيو اسان اوهان سان گڏ آهيون، اسلم ڀوتاڻي چيو ته آئين تحت فيصلو اوهان کي ڪرڻو آهي، اوهان جي فيصلي جي تائيد ڪريون ٿا، خالد مگسي چيو ته وزيراعظم جيڪو به فيصلو ڪندو ان سان گڏ هونداسين، شاهد خاقان عباسي چيو ته سمورين پارٽين پاران وزيراعظم تي مڪمل اعتماد اسان لاءِ فخر جوڳو آهي.