آرمي چيف جي مقرري: وزيراعظم پاران اڄ شام اتحادي پارٽيز جو مشاورتي اجلاس طلب

0
299

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف اڄ شام 6 وڳي اتحادي پارٽيز جي پارلياماني اڳواڻن جو مشاورتي اجلاس سڏائي ورتو

وزير اعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ مُلڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي مشاورت ڪئي ويندي

گذريل ڏينهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پي ايم هائوس پهچي وزيراعظم شهباز شريف سان اهم ملاقات ڪئي هئي

وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري بابت بچاءَ واري وزارت طرفان اُماڻيل سمري وزيراعظم هائوس کي ملي وئي آهيعمران خان جو مقصد اليڪشن

مريم اورنگزيب موجب سمري ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ آرمي چيف جي عهدن لاءِ نالن جو پئنل اماڻيو ويو آهي

هن ٻڌايو ته وزيراعظم طئي ٿيل طريقيڪار موجب مقررين تي فيصلو ڪندو

ھي به پڙھندا

جي ايڇ ڪيو نئين آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي مقرري لاءِ سمري اُماڻي ڇڏي

نئون آرمي چيف ڪير ٿيندو؟ وزيراعظم هائوس کي 6 ليفيٽيننٽ جنرلز جي نالن جي سمري وزيراعظم آفيس کي ملي وئي