آرمي چيف جي سمري تي عارف علوي سان گڏجي قانوني حدن اندر کيڏندس، صدر مون سان رابطو ضرور ڪندو: عمران خان

0
272

آرمي چيف جي سمري تي عارف علوي

لاهور(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اهم مقرري جي سمري بابت صدر سان رابطي ۾ آهيان ۽ هو مون سان مشورو ڪندو، آئون ۽ عارف علوي آئين ۽ قانون جي حدن اندر سمري جي معاملي تي کيڏنداسين. خانگي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته صدر عارف علوي مون سان رابطي ۾ آهي

اهم مقرري واري سمري بابت صدر سان رابطي ۾ آهيان ۽ هو مقرري واري سمري تي مون سان مشورو ڪندو. سندس چوڻ هو ته اهم مقرري تي وزيراعظم هڪ روپوش کان صلاح مشورو وٺڻ لاءِ وڃي ٿو، هن چيو ته عارف علوي مون سان رابطي ۾ آهي. نواز شريف اهو نه سمجهي ته پنهنجي مرضي جو آرمي چيف آڻيندو

عارف علوي مون سان آرمي چيف جي مقرري جي معاملي تي صلاح ضرور ڪندو. شهباز شريف نواز شريف سان صلاح ڪري سگهي ٿو ته پوءِ صدر مون سان رابطو ڇو نه ٿو ڪري سگهي. آئون پارٽي جو سربراهه آهيان مون سان رابطو ضرور ڪندو. هن چيو ته آرمي چيف جي مقرري لاءِ جيئن سڄي ٿيندو آهي تيئن ٿيڻ گهرجي دنيا ۾ سينئر کي مقرر ڪيو ويندو آهي، مون کي هنن تي شڪ آهي ته هي مقرري ملڪ جي فائدي ۾ نه پيا ڪن پر پنهنجي فائدي ۾ ڪري رهيا آهن، صدر عارف علوي ۽ مون فيصلو ڪيو آهي ته آئين جي حدن ۾ رهي ان معاملي تي کيڏنداسين. نواز شريف جو خيال آهي ته پنهنجو آرمي چيف آڻي اسان کي اسٽيبلشمنٽ کان مار کارائيندو ته اها سندس ڀل آهي. کائنس سوال ڪيو ويو ته توهان جي نظر ۾ فوج جي سربراهه جي مقرري لاءِ ميرٽ ڇا آهي؟ ان جو سڌو جواب ڏيڻ بدران چيو ته نواز شريف جيڪو به آرمي چيف چونڊيندو اهو پهرئين ڏينهن کان تڪراري بڻجي ويندو

خدشو آهي ته ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪرايا ويندا. سڀ کان وڏو خدشو اهو آهي ته هي ملڪ جي سڀ کان وڏي اداري جو سربراهه مقرر ڪرڻ جو اهل آهي. هو جيڪو به فيصلو ڪندو اهو ملڪ جي مفاد ۾ نه هوندو. هو اهڙو آرمي چيف آڻيندا جيڪو مون کي نااهل قرار ڏياري. هن چيو ته مون کي پنهنجي آرمي چيف جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ مون ته مارچ ۾ آرمي چيف جو سوچيو ئي نه هو مون سوچيو هو ته جيڪو اداري جي حق ۾ بهتر هوندو اهو وقت اچڻ تي ٿي ويندو. هن چيو ته هنن ڦرلٽ جو رستو کولي ڇڏيو آهي، ملڪ کي تباهي طرف نيو ويو آهي، ملڪ جي معيشت تباهه ڪئي وئي آهي

26 نومبر تي قوم ٻڌائيندي ته اسان رڍون ٻڪريون نه آهيون. هن چيو ته  مون کي خبر آهي ته گولي ڪنهن هنئي ۽ ڪهڙن ٽن ماڻهن پلاننگ ڪري گوليون هنيون پر ڪيس داخل نه ٿو ڪرائي سگهان، ارشد شريف جي ڪيس ۾ سندس ماءُ به فريادي بڻيل آهي. عوام جو سمنڊ ٻڌائيندو ته پاڪستان ان ڪري نه ٺهيو هو ته چورن کي آندو وڃي، پهرين چئو ته هي سڀ چور آهن پوءِ وري انهن کي اقتدار ۾ اچڻ ڏيو. قوم عام چونڊن جو مطالبو ڪندي

لائحه عمل به ڏيندس ته اڳتي ڇا ڪرڻو آهي؟ هن چيو ته هنن سان ڳالهائڻ جو ڪو فائدو نه آهي، اسان کي چيو ويو آهي ته هنن سان ڳالهايو، ڳالهه شروع ئي اتان ٿيندي ته چونڊون ڪڏهن ٿا ڪرايو؟ اسٽيبلشمنٽ کي پاڻ کان پڇڻ گهرجي ته هنن ملڪ سان ڪيو ڇا آهي؟ اسٽيبلشمنٽ جو مفاد آهي ته ملڪ سلامت ۽ مضبوط رهي، هي آرمي چيف جو فيصلو ڪري رهيا آهن. ته اهڙو آرمي چيف اچي جيڪو عمران کان کي ماري پاڪستان جي سامهون رڳو صاف شفاف چونڊون آهن نه ته انقلاب آهي، هي چاهين ٿا ته ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي کي ڪريش ڪن. هن چيو ته آمريڪا جي غلام نه پر بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا پاڪستان جا مفاد منهنجي زندگي کان مٿاهان آهن. آمريڪي سفير سان ملاقات ناهي ٿي برطانوي سفير سان ڪرڪيٽ سيريز جي حوالي سان مليو آهيان. هن چيو ته مون تي حملو ٿيو شهباز شريف پورو ملوث هو نواز شريف کي به خبر هوندي. تسينم شاهه ڪيترو ثابت ڪري سگهندو اها خبر نه اٿم پر مون کي پڪ آهي ته شهباز شريف شامل آهي

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان زمان پارڪ لاهور ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر ملاقات ڪئي جنهن دوران پي ٽي آءِ چيئرمين انگلش ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي دوري لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي عمران خان چيو ته کيس ڊپ آهي ته حڪمران ملڪ کي ايڏانهن وٺي ويندا جتان سڀ ڪجهه هٿن مان نڪري ويندو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڪو به جينيئس اچي، سياسي استحڪام کانسواءِ ملڪي معيشٽ ٺيڪ نٿي ٿي سگهي، سيڙپڪار جو اعتماد رڳو اليڪشن ڪرائڻ سان بحال ٿيندو. عمران خان دعويٰ ڪئي ته کيس پاور ۾ اچڻو ئي آهي ۽ اليڪشن مهم هلائڻ جي به ضرورت ناهي

ھي به پڙھندا

جنرل عاصم منير کي نئون آرمي چيف مقرر ڪرڻ جو فيصلو