آرمي چيف جنرل قمر باجوا سڀاڻي رٽائرڊ ٿيندو

0
197

ڪراچي: آرمي چيف جنرل قمر باجوا سڀاڻي رٽائرڊ ٿيندو، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا 6 سالن جي مُدي کانپوءِ سڀاڻي رٽائرڊ ٿي رهيو آهي

جنرل عاصم منير سڀاڻي 17 هين سپهه سالار طور ڪمان سنڀاليندو

ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف اڄ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي مان ۾ آجياڻو ڏيندو، آرمي چيف وزيراعظم ۽ ٻين سان الوداعي ملاقاتون پڻ ڪندو

آرمي چيف جي اثاثن متعلق انگ اکر گمراھ ڪندڙ ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آھن: آءِ ايس پي آر

آءِ ايس پي آر چيو آھي ته آرمي چيف جي اثاثن متعلق انگ اکر گمراھ ڪندڙ ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آھن، آرمي چيف ۽ سندس گهر ڀاتين جا اثاثا ايف بي آر وٽ ڊڪليئرڊ آهن، آرمي چيف خاندان سوڌو باقاعدگي سان ٽيڪس ريٽرن فائل ڪندو آهي

آءِ ايس پي آر پاران آرمي چيف جي اثاثن بابت هلندڙ افواهن تي سخت ردعمل ظاھر ڪيو ويو آھي، آءِ ايس پي آر موجب  هڪ خاص گروپ طرفان آرمي چيف خلاف سوشل ميڊيا تي اثاثن بابت هلندڙ افواهه ڪوڙ تي ٻڌل آهن

آءِ ايس پي آر موجب سوشل ميڊيا تي هڪ خاص گروپ جنرل باجوا جي نُنهن جي والد ۽ فيملي جي اثاثن کي آرمي چيف جي اثاثن سان منسوب ڪري رهيو آهي، اهڙا افواهه حقيقتن تي ٻڌل ناهن

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي ته هڪ خاص گروپ اهڙا ڪوڙا افواهه پکيڙي رهيو آهي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف خلاف ڪوڙ تي ٻڌل انگ اکر هلايا پيا وڃن، هر شهريءَ وانگر آرمي چيف ۽ سندس خاندان ٽيڪس اختيارين آڏو اثاثن بابت جوابدا آهي

پروپئگنڊا ۽ ڪوڙي بيانيي باوجود پاڪ فوج غير سياسي رهڻ واري فيصلي تي ثابت قدم رهندي: آرمي چيف

 آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آھي ته پروپئگنڊا ۽ ڪوڙي بيانيي باوجود پاڪ فوج غير سياسي رهڻ واري فيصلي تي ثابت قدم رهندي

پرڏيھي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو دوران آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ ھو تھ فوج کي غير سياسي رهڻ لاءِ ڪجهه ماڻهن تنقيد جو نشانو بڻايو

The controversial legacy of Pakistan's outgoing army chief Bajwa | Military News | Al Jazeera

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ ھو ته پروپئگنڊا ۽ ڪوڙي بيانيي باوجود پاڪ فوج غير سياسي رهڻ واري فيصلي تي ثابت قدم رهندي، فوج پاڪستان جي اندروني ڏڦيڙ تي ضابطو آڻڻ لاءِ هميشه ڪردار ادا ڪيو

 آرمي چيف چيو ته غير سياسي هجڻ ڪري فوج جا عوام سان لاڳاپا بهتر ٿيندا ۽ پاڪستان ۾ سياسي استحڪام کي هٿي ملندي، فوججي غير سياسي رھڻ سان جمھوري قدرن کي ھٿي ملندي

جنرل قمر جاويد جاويد باجوا چيو ته فوج پروپئگنڊا ۽ ڪوڙن بيانن باوجود غير سياسي رهڻ جي پنهنجي فيصلي تي قائم رهندي، فوج کي غير سياسي ڪرڻ سان پاڪستان ۾ سياسي استحڪام ايندو، فوج جي غير سياسي نوعيت سان عوام سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا

ھي به پڙھندا

آرمي چيف جي اثاثن متعلق انگ اکر گمراھ ڪندڙ ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آھن: آءِ ايس پي آر