ڪراچي(م ڊ) سينئر دفاعي تجزيانگار راجا وسيم دعويٰ ڪئي آهي ته ايندڙ آرمي چيف ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير ٿيندو ۽ سينيارٽي ۾ ٻئي نمبر تي موجود ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي ٿيندو. هن ٽوئيٽ ۾ دعويٰ ڪئي ته اهڙا اطلاع مليا آهن ته هن ڀيري ڪو به جنرل سپرسيڊ نه ٿيندو، سڀ پنهنجي نوڪري جو مدو پورو ڪري گهر هليا ويندا. هن چيو ته ساحر شمشاد اهو جنرل آهي جنهن 10 ڪور جي ڪمانڊر جي حيثيت ۾ انڪوائري کانپوءِ هڪ سينئر جنرل جي ساڄي هٿ سرونگ ڪرنل لياقت المشهور 65 کي 35 سان هارائڻ وارو کي فوج مان ڪڍي ڇڏيو هو. 9 اپريل تي ٿڦڙ هڻندڙ مشهور آفيسر ميجر سعد (هاڻ ليفٽيننٽ ڪرنل) به سندس اي ڊي سي هو.