اسلام آباد (م ڊ) ناڻي جي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ڪورٽ نوٽيس بنا آرمي چيف يا ڪنهن ٻئي جا ٽيڪس گوشوار ليڪ ڪرڻ غيرقانوني  آهي، نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته انڪم ٽيڪس جا تفصيل ليڪ ٿيڻ بابت عبوري رپورٽ مونکي ڏيکاري وئي آهي، اميد آهي ته اڄ فائنل رپورٽ به ملي ويندي، اسحاق ڊار چيو ته پتو پيو آهي ته هڪ جو تعلق لاهور سان آهي ۽ راولپنڊي مان به ڪو آهي، ٿي سگهي ٿو ته ان ۾ ڪو اٿورائيز هجي، ڇاڪاڻ راولپنڊي ۾ سرڪل آهي،  اتي اسيسمينٽ ٿيندي آهي،  انهن کي اجازت هوندي آهي ته اهي پنهنجي اسيسمينٽ جي حوالي سان ڏسي سگهن، غيرقانوني ڪم جي اجازت ڏيڻ يا ان تي اکيون بند ڪرڻ فرض جي ادائگي نه ڪرڻ جهڙو آهي. هڪ سوال تي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي ڏيوالو ٿيڻ جو خطرو ناهي، عمران خان خدا جو خوف ڪري، هن اڳ ئي گهڻي تباهي آندي آهي، معيشت تي سياست نه ڪئي وڃي، هن چيو ته صدر عارف علوي سان ناڻي وزير طور ملاقات ڪئي، جنهن ۾ معيشت ۽ ايندڙ بجيٽ تي ڳالهيون ويندون، مون ڀرپور ڪوشش ڪئي ته ميثاق جمهوريت وانگر ميثاق معيشت به ٿي وڃي. ناڻي وزير چيو ته ڊالر جو اصل قدر 190 جي لڳ ڀڳ هجڻ گهرجي، سياسي عدم استحڪام، لانگ مارچ ۽ تڪراري بيانن سبب اعتماد جي فضا قائم نه ٿي رهي آهي، عمران جي حڪمراني ۽ پاليسي ٺيڪ نه هئي، عمران کي نااهلي تي قوم کان معافي وٺن گهرجي. اسحاق ڊار چيو ته عالمي سطح تي تيل اگهن ۾ لاٿ جو فائدو مقامي سطح تي عوام کي ضرور ملندو پر ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ نه، جيڪڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتون ايئن گهٽبيون رهيون ته ايندڙ وقت ۾ عوام کي ثمر ملندو، اسان هڪ ڀيرو به تيل جون قيمتون ناهن وڌايون.