ڪراچي(م ڊ) بجلي واري وفاقي وزير خرم دستگير خان چيو آهي ته آئين ۽ قانون وزيراعظم کي آرمي چيف جي مقرري بابت نواز شريف سان صلاح ڪرڻ کان نه ٿو روڪي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته آرمي چيف جي مقرري جي حوالي سان نواز شريف سان صلاح ڪرڻ تي آئيني ۽ قانوني طور تي ڪا به پابندي نه آهي، عمران خان مقرري کي تڪراري بڻايو آهي ان ڪري وزيراعظم شهباز شريف کي مقرري تي تمام گهڻي احتياط ڪرڻي پوندي. هن چيو ته نواز شريف ئي نواز ليگ جو قائد آهي، لنڊن جي ملاقات ۾ آرمي چيف جي مقرري بابت ڳالهيون ٿيون يا نه ٿيون ان ڳالهه جي تصديق يا ترديد ڪري نه ٿو سگهان.