ڪراچي(م ڊ) سينئر صحافي ۽ اينڪرپرسن ڪامران خان دعويٰ ڪئي آهي ته آرمي چيف جي حوالي سان ڪارا ڪڪر هٽي ويا آهن ۽ هاڻ سڀ ڪجهه سهڻي نموني ٿيندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اميد جو روشن ڪرڻو نظر آيو آهي ذريعا ۽ واضح ثبوت ٻڌائين ٿا ته آرمي چيف مقرري جي حوالي سان ڪڪر هٽي ويا آهن، سڀني جي تسلي ٿي وئي آهي. صدر به ان حوالي سان وزيراعظم جي ايڊوائس تي صحيح ڪري ڇڏيندو. آئنده جي حوالي سان به رستي جي صفائي ٿي رهي آهي. قطعي ڪاميابي جو سهرو نئين آرمي چيف جي سر تي سونهندو.